سخي جڙيل شاهه جو مقبرو

سخي جڙيل شاهه جو مقبرو

سخي جڙيل شاهه جو مقبرو

سخي جڙيل شاهه جو مقبرو: سخي جڙيل شاهه جو مقبرو ۽ درگاهه تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. مقبرو ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ شيخ طيب جي مقبري کان ڪجهه مفاصلي تي موجود آهي. سخي جڙيل شاهه لاءِ اهو مشهور آهي ته هو صوفي منش بزرگ هو. مقبرو گهڻو آڳاٽو تعمير ٿيل معلوم ٿئي ٿو، مقبري جي اڏاوت ۾ پڪل سرون ۽ گچ گاري جو استعمال ڪيل آهي. جڏهن ته ديوارن تي چوني جو ليپو ڏنو ويو هو. ويجهڙائي ۾ مقبري جون اڳيون وچ وارو حصو ڊهڻ سبب ان جي تعمير قديم طرز تي ٻيهر ڪئي وئي آهي. مهاڙي ۾ ساڳيءَ طرز جو ونگائون لنگهه تعمير ڪري دروازو هنيو ويو آهي. ٻنهي پاسن کان پانيل اٿس. مٿي ٻيڙٻني وٽ تاج ٺهيل آهي. اها سموري نئين تعمير سازي پڪين سرن تي سيمنٽ جي اوساريءَ سان ڪئي وئي آهي. مقبرو عاليشان عمارتسازي جو نمونو آهي. هن وقت سموري عمارت سالم بيٺل آهي، فقط پوئين حصي وٽان ديوار تان ليپو لهي ويو اٿس ۽ ڪجهه سرون پڻ اکڙڻ لڳيون آهن.
مهاڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ڪنڊن تي ٻه وڏا منارا آهن. مهاڙيءَ ۾ نڪتل ڪالمن کي نيرو رنگ ڏنل آهي. ڇت تي اٺڪنڊي ڳچ مٿان سفيد گول وڏو گنبذ ٺهيل آهي. ڳچ تي چؤڦير منارن جي شڪل ۾ ننڍڙيون ٿنڀڙيون ۽ انهن مٿان نيلون لڳل آهن، جيڪي گنبذ جي سونهن ۾ اضافو ڪري بيٺيون آهن. ڇت تي ٻيڙٻني تي چؤڦير ڪنگريون اٿس. مقبري جي ڀر ۾ مسجد آهي، جنهن جي مهاڙي پڻ هن وقت نئين سر تعمير ڪئي پئي وڃي. مسجد کي سفيد رنگ جو چونو ڪيل آهي. مقبري ۽ مسجد جي اڱڻ کي ديوار جو احاطو ڏنل آهي. ڀر ۾ ننڍو قبرستان آهي. قبرن جون بٺيون پڪين سرن جون آهن، جيڪي اڪثر برساتي پاڻي وغيره ۾ ڳري ويل نظر اچن ٿيون. مقبري اندر مزار سنگ مرمر جي نيرين سرن سان ٺهيل ٿلهي تي قائم چبوتري ۾ آهي. مزار تي هر سال 25 سفر جي ڏينهن کان عرس ملهائجي ٿو.


لفظ سخي جڙيل شاهه جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو